پاڪستان نئشنل سينٽر

پاڪستان نئشنل سينٽر: هن اداري جو قيام 1964ع ڌاري پاڪستان ڪائونسل ۽ قومي يڪجهتيءَ جي نالي سان عمل ۾ آيو. ڪائونسل جو سڀ کان پهريون مرڪز 22 مارچ 1964ع تي راولپنڊيءَ ۾ کوليو ويو. ان کان پوءِ لاهور، اسلام آباد، پشاور، حيدرآباد ۽ مشرقي پاڪستان ۾ ڍاڪا، چٽاگانگ، راجشاهي، ميمڻ سنگهه ۽ کُلنا ۾ هن جون شاخون قائم ڪيون ويون. پر ڪائونسل جو دائرو فقط ثقافتي پروگرامن جي انعقاد تائين محدود هو. پاڪستان جي جاگرافيائي سرگرمين کان پوءِ 30 جون 1972ع تي هن جو نالو پاڪستان سينٽر ۽ 6 نومبر 1972ع تي پاڪستان نئشنل سينٽر رکيو ويو. پاڪستان نئشنل سينٽر هاڻي هڪ نئين مقصد سان عوام جي فڪري رهنمائيءَ جو فرض ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستان نئشنل سينٽر جي ٺهڻ جا مقصد هيٺ ڏجن ٿا: (1) پاڪستان جي نظريي سان وابستگيءَ جي روح کي بيدار ڪرڻ، (2) تحريڪ پاڪستان جي تاريخ جي مطالعي ۽ تحقيق کي فروغ ڏيڻ ۽ پاڪستاني قوميت جي جذبي کي روشن ڪرڻ، (3) پاڪستاني عوام ۾ قومي غيرت، حب الوطني ۽ ملڪ جي روشن مستقبل جو احساس پيدا ڪرڻ، (4) بهتر علم وسيلي، پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ مفاهمت جي راهه هموار ڪرڻ، (5) قوم جي معاشي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي مسئلن جي پرک ڪرڻ ۽ اسلام جي اصولن جي روشنيءَ ۾ ترقي پسند معاشري لاءِ رستو هموار ڪرڻ، (4) اهم قومي مسئلن تي تقرير، سيمينار، بحث مباحثا ۽ مذاڪرن جي خصوصي پروگرامن جو بندوبست ڪرائڻ، (7) مختلف اهم قومي مسئلن تي عوام جي راءِ معلوم ڪرڻ، (8) ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر پاڪستان ۽ ان سان تعلق رکندڙ مواد جي اشاعت ۽ تحقيق جو اهتمام ڪرڻ. سينٽر جي هيڊ آفيس اسلام آباد ۾ آهي. شاخون راولپنڊي، لاهور، گجرات، پشاور، ڪراچي، ملتان، بهاولپور، رحيم يارخان، حيدرآباد، فيصل آباد، سرگوڌا، منگوره، مظفر آباد، سيالڪوٽ، پشين، ڪوئيٽا، ديري غازي خان، ايبٽ آباد، ديري اسماعيل خان، قلات ۾ ڪم ڪري رهيون آهن.


لفظ پاڪستان نئشنل سينٽرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو